حضرت عيسيٰ عليه السلام
1. وڏن کي ننڍو ٿي رهڻ گهرجي، ڇو ته
جيڪو پاڻ کي وڏو سمجهندو آهي، ان کي ننڍو ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪو ننڍو ٿيندو آهي،
اهو وڏو رتبو ماڻيندو آهي.
2. عمل صالح اهو آهي، جنهن تي ماڻهن
جي ثنا جي اميد نه رکي وڃي.
3. آئون مئل کي جيئرو ڪرڻ کان نه ٿڪو
آهيان، پر احمق جي اصلاح کان ٿڪجي پيو آهيان.
4. اُٺ، سئيءَ جي ناڪي مان لنگهي
سگهي ٿو، پر دولتمند امير، خدا جي بادشاهت ۾ داخل نٿو ٿي سگهي.
5. پنهنجي ڀاءُ کان بي سبب بيزار نه
ٿيو.
No comments:
Post a Comment