حڪيم لقمان
1. اميد، زندگي جو لنگر آهي. انهي جو
سهارو ڇڏڻ سان انساني ٻيڙي اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويندي آهي.
2. هر شخص سچو دوست ڳوليندو آهي، پر
پاڻ سچو دوست ٿيڻ جي تڪليف پسند نه ڪندو آهي.
3. جدوجهد نه ڪرڻ محتاجي جو باعث
آهي.
4. سج اڀرڻ مهل نه سمهه، ڇو ته اهو
عبادت جو وقت آهي، انهي مهل سمهڻ بدبختي آهي.
5. واٽ تي وڏن جي اڳيان نه هل، اها
بي ادبي آهي.
6. عقلمند جي دوستي اختيار ڪر، ان ۾
گهڻائي فائدا آهن.
7. جيڪا ڳالهه ماڻهن کي نه وڻي، سا
نه ڪر.
8. ڪاوڙ نه ڪر، ان جي شروعات جنون
آهي ۽ انتها پڇتائڻ.
9. علم اهڙي طرح دل کي جيئرو رکي ٿو،
جهڙي طرح مينهن سڪل زمين کي.
10. جيسيتائين ٿي سگهي، ماڻهن کان پري
رهه، ته جيئن تنهجي دل سلامت ۽ نفس پاڪيزه رهي.
11. موت تي هر وقت نظر رک.
12. حڪمت ۽ دانائي، مفلس کي بادشاهه
بنائي ڇڏيندي آهي.
13. تڪليف کان نه ڊڄ ڇو ته تارا،
اونداهي ۾ ئي چمڪندا آهن.
14. جيڪا ڳالهه دشمن کان لڪائڻ چاهيو ٿا،
اها دوست کان به لڪايو، متان هڪ ڏينهن اهو به دشمن بنجي وڃي.
15. جڏهن جلقت ڏانهن اچو، ته زبان تي
نظر رکو.
No comments:
Post a Comment