حضرت سليمان عليه السلام
1. مٺيون ڳالهيون، ڪاوڙ کي ختم ڪن
ٿيون.
2. جڏهن انسان جي هلت خدا جي مرضي
مطابق هوندي آهي، ته اهو دشمنن کي به دوست بنائي ڇڏيندو آهي.
3. سچ ڪڏهن به ڪوڙ کان هار نه
کائيندو آهي.
4. جيڪو ڪنهن بيوقوف هٿان نياپو
موڪلي ٿو، اهو پنهنجا پير پاڻ ڊاهي ٿو.
5. جيترو ڪاوڙ دير سان اچي، اهو
اوترو ئي عقلمند آهي، جنهن کي گهڻي ڪاوڙ هوندي آهي، سو پنهنجي بيوقوفي ظاهر ڪندو
آهي.
No comments:
Post a Comment