Friday, 11 May 2012

حضرت ابو بڪر رضي الله تعاليٰ عنه

حضرت ابو بڪر رضي الله تعاليٰ عنه

1.      گناهه کان توبهه ڪرڻ واجب آهي، پر گناهه کان بچڻ واجب تر آهي.
2.      جنهن کي روزي رکڻ جي طاقت نه هجي، اهو روئيندڙ تي رحم ئي ڪري.
3.      زبان کي ڏوراپي کان جهل، خوشيءَ واري زندگي عطا ٿيندي.
4.      خلقت تان تڪليف دور ڪري، پاڻ کڻڻ حقيقي سخاوت آهي.
5.      جيڪو شخص اسلام جي شروع ۾ مري ويو، سو وڏو خوشنصيب هو.
6.      ڪاش! آئون ڪنهن مومن جي سيني جو هڪ وار ئي هجان ها.
7.      دل مئل آهي ۽ ان جي حياتي علم آهي، علم به مئل آهي ۽ ان جي حياتي طلب ڪرڻ سان آهي.
8.      بڇڙن جي دوستي کان اڪيلائي چڱي آهي، ۽ اڪيلائي کان صالحن جي صحبت تمام سٺي آهي
9.      ميويدار وڻ کي نه وڍجانءِ.
10.  ڪنهن عورت يا اپاهج کي قتل نه ڪجانءِ.

No comments:

Post a Comment