حضرت علي عليه السلام
1. محسن جو شڪر ادا ڪريو، ۽ شڪر گذار
تي احسان ڪريو.
2. علم، دولت کان بهتر آهي، ڇو ته
توهين دولت جي حفاظت ڪريو ٿا، ۽ علم اوهان جي حفاظت ڪري ٿو. دولت خرچ ڪرڻ سان گهٽ
ٿئي ٿي ۽ علم خرچ ڪرڻ سان وڌي ٿو.
3. جڏهن اوهين ڪنهن تي احسان ڪريو،
ته ان کي لڪايو، ۽ ڪو اوهان تي احسان ڪري، ته ان کي پکيڙيو.
4. دين خزانو آهي، ۽ علم ان جو رستو.
5. ڪنهن جي ايمان جو اندازو، ان جي
وعدن مان لڳايو.
6. عالم اهو ئي آهي، جنهن جو پنهنجي
علم تي عمل هجي.
7. ڀلائي جي خواهش، برائي جي خواهش
کي دٻائي ڇڏيندي آهي.
8. پرهيزگاري کان وڌيڪ ڪابه عبادت
ناهي.
9. پاڪيزگي اها دولت آهي، جيڪا محبت
جي گهڻائي سان حاصل ٿيندي آهي.
10. سڀ کان وڏي خيانت، قوم سان غداري
آهي.
11. انسان جو سڀ کان وڏو دشمن سندس
پيٽ آهي.
12. دنيا جي سڀ کان وڏي غريبي بي عقلي
آهي.
13. ذلت کڻڻ کان بهتر آهي، ته تڪليف
کڻو.
14. وڏي دولت عقل ۽ وڏي غريبي بي عقلي
آهي.
15. ٽي ماڻهو، ٽن شين کان محروم رهندا
آهن؛ تڪڙو ڪاميابي کان، ڪاوڙيل صحيع قدم کان ۽ ڪوڙو عزت کان.
16. الله کان ڊڄ، ته جيئن ٻين جو خوف
نه رهي.
17. عقل ڪامل ٿي وڃي ته گفتگو گهٽجي
ويندي آهي.
18. واضع ۽ روشن ترين رستو حق ۽ سچائي
وارو آهي.
19. انهي شخص کان بچو، جيڪو اوهان کي اوهان
کان وڏو چوي.
20. حڪمت جو وڻ دل ۾ ڦٽندو آهي، دماغ
۾ وڌندو آهي ۽ زبان تي ميوو آڻيندو آهي.
21. ڪيتري نه خراب ڳالهه آهي، جو
توهين ظاهر ۾ شيطان تي لعنت ڪريو ٿا، ۽ لڪ ۾ ان جا دوست آهيو.
22. علم اهو خزانو آهي جيڪو وڌندو رهي
ٿو.
23. ماڻهو يتيم ان کي چوندا آهن، جنهن
جو پيءُ مري ويو وڃي ۽ آئون يتيم ان کي ٿو چوان ٿو، جنهن علم حاصل نه ڪيو هجي.
24. توهين وڏن جي عزت ڪريو، ننڍا
اوهان جي عزت ڪندا.
25. انهي شخص کي ڪڏهن به موت نٿو اچي،
جيڪو علم کي زندگي بخشي ٿو.
26. ڪميني جو سڀ کان وڏو احسان اهو
آهي، ته هو ڪنهن کي ڏک نه ڏي.
27. معاف ڪرڻ، دشمن تي فتح حاصل ڪرڻ
آهي.
28. نيڪ لاءِ موت راحت آهي، بد جو موت
دنيا لاءِ راحت آهي.
29. ڄم، موت جو قاصد آهي.
30. نيڪي جو ارادو، بدي جي خواهش
گهٽائي ٿو.
31. پوڙهي جي راءِ، جوان جي طاقت ۽
زور کان سٺي آهي.
32. عقيدي ۾ شڪ ڪرڻ شرڪ جهڙو آهي.
33. ماڻهو جي قابليت، زبان هيٺان لڪل
آهي.
34. معافي تمام وڏو انتقام آهي.
35. غريب اهو آهي جنهن جو ڪو دوست نه
هجي.
36. تڪليف ۾ گھٻرائڻ وڏي مصيبت آهي.
37. جيڪي ماڻهو توکان وڌيڪ علم رکن
ٿا، انهن کان حاصل ڪر ۽ جيڪي نادان آهن، تن کي پنهنجو علم سيکار.
38. جيڪڏهن ڪو دوستي جو اهل نه ملي،
ته نااهل سان دوستي نه رک.
39. تڪليفن جو مقابلو صبر سان ۽ نعمتن
جي حفاظت شڪر سان ڪريو.
40. بدڪارن جي صحبت کان بچو.
41. سفر ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب عار ناهي، پر
عيب وري ڳالهه اها آهي، ته پنهنجي ئي وطن ۾ ٻين جو محتاج هجي.
42. اجاين اميدن تي ڀروسو ڪرڻ کان
بچيو رهه جو اها بيوقوفن جي دولت آهي.
43. جڏهن ماڻهو جو خلق سٺو هجي ته
ڳالهائڻ سٺو ٿيندو آهي.
44. جڏهن تون ڪمزورن کي ڪجهه نه ڏئي
سگهين، ته ساڻن رحمت ۽ مهرباني سان ئي پيش اچ.
45. ماڻهو جي چهري جو حسن، خدا تعاليٰ
جي عمدي عنايت آهي.
No comments:
Post a Comment