حضرت عثمان رضي الله تعاليٰ عنه
1. عيالدار جا اعمال مجاهدن جي
اعمالن سان آسمان تي وڃن ٿا.
2. تعجب آهي ان تي، جيڪو موت کي حق
سمجهي ٿو، ۽ وري ان تي کلي ٿو.
3. تعجب آهي ان تي، جيڪو تقدير کي
سڃاڻي ٿو، پر ويل شيء جو ڏک ڪري ٿو.
4. تعجب آهي ان تي، جيڪو دوزخ کي حق
سمجهي ٿو، ۽ گناهه ڪري ٿو.
5. تعجب آهي ان تي، جيڪو بهشت کي حق
سمجهي ٿو، پر دنيا جي طلب ڪري ٿو.
6. تعجب آهي ان تي، جيڪو شيطان کي
دشمن سمجهي ٿو، پر ان جي اطاعت ڪري ٿو.
7. جيڪو علم واريون ڳالهيون ٻڌي، ان
تي عمل ڪري ٿو ته ان جي دل ۾ علم جو نور ظاهر ٿيندو آهي.
8. جيڪڏهن اکين ۾ نور آهي، ته هر
ڏينهن، حشر جو ڏينهن آهي.
9. زبان جو لوڏو، قدمن جي لوڏن کان
وڌيڪ خطرناڪ آهي.
10. جنهن لاءِ دنيا قيد آهي، تنهن
لاءِ قبر آرام واري جاءِ آهي.
11. عقلمند چوي ٿو، ته مون کي ڪا خبر
ناهي، پر بيوقوف چوي ٿو، ته مون کي سڀ خبر آهي.
12.
No comments:
Post a Comment