حضرت امام حسن عليه السلام
1. تنهنجي عمر لاڳيتو گهٽجي رهي آهي،
جيڪي ڪجهه تنهنجي هٿ ۾ آهي، ان سان ڪنهن جي مدد ڪندو وڃ.
2. دانائين ۾ اعليٰ درجي جي دانائي
تقويٰ آهي، ۽ ڪمزورين ۾ سڀ کان وڏي ڪمزوري بداخلاقي ۽ بداعمالي آهي.
3. مومن اهو آهي، جيڪو آخرت جو سامان
مهيا ڪري، ۽ ڪافر اهو آهي، جيڪو دنيا جي مزي ماڻڻ ۾ مشغول هجي.
No comments:
Post a Comment