حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه
1. نصحيت لاءِ موت ئي ڪافي آهي.
2. ظالمن کي معاف ڪرڻ، مظلومن تي ظلم
آهي.
3. عدل، مظلوم لاءِ بهشت ۽ ظالم لاءِ
دوزخ آهي.
4. غريب سان همدردي سان پيش اچو، ته
جيئن ان جو وات کلي ۽ همت وڌي.
5. گناهه کي ڇڏي ڏيڻ، توبهه جي تڪليف
کان وڌيڪ آسان آهي.
6. ٻين جي ڳڻتي ۾ پنهنجو پاڻ کي
وساري نه ڇڏيو.
7. اڄ جو ڪوم سڀاڻي تي نه ڇڏيو.
8. عقلمند شخص اهو آهي، جيڪو پنهنجي
افعالن جي نيڪ تعميل ڪري سگهي ٿو.
9. جيڪو شخص، مون کي منهنجا عيب
ٻڌائيندو رهي ٿو، اهو مون کي پيارو آهي.
10. جيڪو توکي تنهنجن عيبن کان آگاهه
ڪري، اهو تنهنجو دوست آهي.
No comments:
Post a Comment