ارشاد حضرت ﷴ
1. عمل، علم کي سڏي ٿو، جيڪڏهن اهو
جواب ڏي، ته ترسي پوي ٿو، نه ته هليو ويندو آهي.
2. خدا جي نظر ۾ اهو عظيم آهي، جنهن
جو اخلاق بلند آهي.
3. هميشه سچي ۽ حق واري ڳالهه چئو،
ڀلي اها ڪڙي هجي، ۽ ڪنهن کي نه وڻي.
4. خدا جنهن قوم ۾ تباهي گهرندو آهي،
ان جي اڳواڻي اجايو خرچ ڪندڙ ۽ عياش ماڻهن جي حوالي ڪر ڇڏيندو آهي.
5. ماڻهن لاءِ پنهنجي اخلاق کي
ٺاهيو.
6. سٺي ۽ مٺي ڳالهه به صدقو آ.
7. جنهن قوم ۾ بدڪاري وڌي ويندي آهي،
انهن ۾ اوچتا موت وڌي ويندا آهن.
8. جيڪا قوم الله تعاليٰ جي نازل ڪيل
قانونن جي خلاف فيصلا ڪندي آهي، الله تعاليٰ انهي قوم ۾ فڪر پيدا ڪري ڇڏيندو آهي.
9. پنهنجي هٿ جي پورهئي کان چڱو کاڌو
ڪنهن شخص ڪڏهن نه کاڌو.
10. قيامت واري ڏينهن مومن جي عمل
واري ساهميءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳري ۽ وزنائتي جيڪا شيءَ رکي ويندي، اهو سندس اخلاق
هوندو.
11. ماڻهن لاءِ پنهنجي اخلاق کي
ٺاهيو.
12. توهان مان سڀ کان چڱا ماڻهو اهي
آهن، جن جو اخلاق سٺو آهي.
13. فياض، خدا جو دوست آهي.
14. جڏهن توکي نيڪي ڪري خوشي ٿئي ۽
برائي ڪري ڏک ٿئي، ته تون مومن آهين.
15. خاموشي تمام وڏي حڪمت آهي.
16. جهالت، افلاس جو بدترين قسم آهي.
17. علم حاصل ڪريو، ڀلي چين وڃڻو پوي.
18. مهد کان لحد تائين علم حاصل ڪندا
وڃو.
19. تون ۽ تنهنجو مال، تنهنجي پيءُ جا
آهيو.
20. جيڪو پاڻ رحم نه ڪري، اهو رحم
جوڳو ناهي.
21. پنهنجي گهر جون ڀتيون ايتريون
اوچيون نه ڪريو، جو پاڙيسريءَ جي هوا بند ٿي وڃي.
22. حيا، ايمان جي شاخ آهي.
23. جيڪو شخص ڪوڙو قسم کڻندو، ان جي
جاءِ دوزخ آهي.
24. دولت خرچ ڪندا رهو، ۽ پاڻ وٽ نه
رکو. نه ته ٿي سهگي ٿو، الله تعاليٰ اوهان تي دولت جا دروازا بند ڪري ڇڏي.
25. جهالت کان وڌيڪ ڪا غريبي ناهي. ۽
عقل کان وڌيڪ ڪا دلت ناهي.
26. الله تعاليٰ فساد کي پسند نٿو
ڪري، ان ڪري زمين تي فساد نه ڪريو.
27. سردار بنجڻ کان اڳ علم حاصل ڪريو.
28. وڏي همت، ايمان جي نشاني آهي.
29. دولتمند تي حسد نه ڪريو، ڇو ته
دولت جو مزو عارضي ۽ فاني آهي.
30. جيڪو الله تعاليٰ تي توڪل رکي ٿو
ان لاءِ الله تعاليٰ ڪافي آهي.
31. سڀ کان وڌيڪ نيڪي پنهنجي دوستن ۽
وسطيدارن جي عزت ڪرڻ آهي.
32. سادگي، ايمان جي نشاني آهي.
33. انصاف جي هڪ اهڙي گهڙي، سالن جي
عبادت کان بهتر آهي.
34. اهو شخص بي دين آهي ، جنهن ۾
ديانتداري ناهي.
35. خراب محفل کان پاسو ڪريو.
36. اناج کي رکي، وڪرو ڪندڙ ملعون
آهي.
37. مڪر، دوکو ۽ خيانت ڪندڙ دوزخ ۾
ويندو.
38. ڏيڻ وارو هٿ، وٺڻ واري هٿ کان
بهتر آهي.
39. ايمان جا ٻه حصا آهن؛ هڪ صبر ۽
ٻيو شڪر.
40. علم، عمل کان سواءِ آزاد آهي.
41. سخي، الله کي ويجهو آهي، ماڻهن کي
ويجهو آهي، بهشت کي ويجهو آهي، پر دوزخ کان دور آهي.
42. جنهن جي پاڙيسري کي ان کان تڪليف
ٿئي، اهو مومن ناهي.
43. اهو شخص ڪامل مومن نٿو ٿي سگهي،
جيڪو پاڻ ته پيٽ ڀري کائي، پر سندس پاڙيسري بکيو هجي.
44. پاڙيسري جي حد چاليهن گهرن تائين
آهي.
45. ڪنهن جي حاجت پوري ڪرڻ وارو ائين
آهي، ڄڻ سڄي عمر عبادت ۾ گذاري ڇڏيائين.
46. ايمان کان پوءِ تمام وڏي نيڪي،
خلق کي آرام ڏيڻ آهي.
47. جيڪو شخص وڏن جي عزت ۽ ننڍن تي
شفقت نه ڪندو، اهو منهنجي امت ناهي.
48. جيڪا شيء تون پنهنجي لاءِ پسند
نٿو ڪرين، ڪنهن ٻي لاءِ به پسند نه ڪر.
49. ڪنهن واقف سان ٽن ڏينهن کان وڌيڪ
ڳالهائڻ نه ڇڏ.
50. هر قوم جي معزز ماڻهو جي عزت ڪر.
51. صبر ايمان سان مليل آهي، جيئن جسم
سان ڪنڌ.
52. ايماندار شخص اهو آهي، جنهن کان
ماڻهو پنهنجي جان ۽ پنهنجو مال محفوظ سمجهن.
53. جيڪڏهن آئون حڪم ڏيان ها، ته ڪو
ڪنهن کي سجدو ڪري، ته زال کي حڪم ڏيان ها ته اها پنهنجي مڙس کي سجدو ڪري.
54. سوار پيدل کي، هلندڙ ويٺل کي ۽
ٿورا گهڻن کي سلام ڪن.
55. جاهل کي هڪ ڀيرو عزاب ڏنو ويندو،
۽ عالم کي ست ڀيرا.
No comments:
Post a Comment